ڏاڏو هوت فقير

ڏاڏو هوت فقير: ڏاڏو هوت فقير ذات جو ميمڻ هو، ٽي سؤ ورهيه اڳ هالا جي ڪاڪا محلي ۾ ڄائو هو. هي ننڍي هوندي کان ئي فقيراڻي ۽ درويشاڻي طبيعت جو مالڪ هو. ڏاڏو هوت فقير حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عهد جو بزرگ ٿي گذريو آهي. هو ڪورڪو ڪم ڪندو هو. هر وقت الله جي عبادت ۾ مشغول هوندو هو. هڪ مشهور روايت آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي گھر واري اميد سان هئي، حويليءَ تي خادم کي گھرائي پلو آڻڻ جي طلب ڪئي وئي، تڏهن پلي جي مُند ڪا نه هئي. خادم پلي هٿ ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ڏانهن روانا ٿيا. هڪ خادم هالا ۾ ايندي درويش ڏاڏي هوت فقير وٽ اوطاق تي آيو ۽ پاڻي پي ويٺو. ڏاڏي هوت فقير کانئس احوال پڇيو ته هن کيس سموري ڳالهه ٻڌائي. فقير اڻت واري کڏ ۾ هٿ وجھي جيئرو پلو ڪڍي فقير جي حوالي ڪيو ۽ کيس روانو ڪيو. هوڏانهن شاهه سائينءَ ان فقير جي پُڇا ڪئي ته کيس ٻڌايو ويو ته گهر وارن جي حڪم تي پَلو وٺڻ ويو آهي. شاهه لطيف چيو ته: ”اڃا صاحبزادو پيدا ڪونه ٿيو آهي جو پلا پيو طلبي، اهڙو اولاد ئي نه گھرجي جيڪو اهڙين گرمين ۾ اسان جي فقيرن کي تنگ ڪري.“ چون ٿا ته پوءِ اهو ٻارڙو ماءُ جي پيٽ ۾ سڪي ويو. هوت فقير جو مقبرو هالا ۾ ميمڻ قبرستان لڳ آهي. سندس مزار تي هر طبقي جا ماڻهو حاضري ڀريندا آهن.


لفظ ڏاڏو هوت فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو